پٿوري لڳ پورهئي لاءِ نڪتل پيءُ پٽ ڪوچ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

ميرپورخاص/پٿورو (بيورو رپورٽ+ن ع آ) پٿورو ڀرسان عمرڪوٽ روڊ تي سرهاِڙي شاخ لڳ تيز رفتار ڪوچ رڪشا مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صوفي فقير ۾ لڳندڙ چوپائي مال جي پڙي ۾  ميرپورخاص کان برياني کپائڻ ويندڙ ميرپورخاص جي علائقي بشير آباد جا رهواسي 45 ورهين جو علي محمد  ۽ سندس 18 ورهين جو پٽ  محمد وليد چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا،پٿورو  ۽ صوفي فقير پوليس ۾ ٿاڻن جي حدبندي واري تڪرار تان لاش  ھڪ ڪلاڪ تائين پيل رھيا بعد ۾ پٿورو پوليس ليٽر جاري ڪيو، جنهن کان پوءِ لاش پٿورو اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. وارثن موجب فوتي پيءُ پٽ ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي علائقن ۾ مختلف ڏينهن تي لڳندڙ مال پڙين ۾ گھران برياني ٺاهي اتي کڻي وڪرو ڪري  گذر سفر ڪندا  هئا ۽ گذريل ڏينهن به صوفي فقير ۾ لڳندڙ مال پڙي ۾ برياني وڪرو ڪرڻ لاءِ صبح جو سوير گهران نڪتا هئا ته اجل جو شڪار بڻيا.هوڏانهن حادثي بعد مسافر ڪوچ جو ڊرائيور واقعي واري هند تان فرار ٿي ويو . جڏهن ته حد جي پوليس حادثي جو شڪار بڻيل رڪشا ۽ ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.