سيري ۽ ڀرپاسي دڪاندارن من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا. غريب عوام پريشان

سيري ( ن ع آ ) گاجا موري پنھورآباد نوراني شريف، ھوسڙي کٿڙ،بھار ڪالوني ۽ ان جي آس پاس ۾  دڪاندارن کائڻ پيئڻ  جي شين جا اگھه چوٽ چاڙھي ڇڏيا، مهانگائي  برسات متاثر عوام جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي 2 ويلا ماني کائڻ لاءِ غريب عوام سخت پريشان  اٽو 110 کان 120 دال 300 کير 170 روپيه ڪلو ڀاڄيون 200 کان 250 روپيه مرغي 560  ۾ وڪڻڻ لڳا، مھانگائي جي ڪري غريب مسڪين ماڻھون فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ لڳا علائقي واسين نعيم مغل رزاق بڙدي مور پھنور,پپو شورو، آفتاب کوسو، جبل سنڌي ۽ ٻين چيو ته ھتي مسلسل برسات پھريائين تباھي مچائي ڇڏي آهي ۽ عوام کي غربت جي دلدل ۾ وجھي ڇڏيو آھي مٿان وري دڪاندارن کاڌي پيتي جي شين جا ھٿ ٺوڪيا اگھه وڌائي ڇڏيا آھن جنھن جي ڪري غريب مسڪين ماڻھون ٻن ويلن جي ڳڀي ماني لا ءِپريشان ٿي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي ان باوجود انتظاميه طرفان ھٿ ٺوڪيا ريٽ ھڻندڙن دڪاندارن خلاف قدم نه کڻڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي.  ھنن وڌيڪ ڊي،سي حيدرآباد اي،سي حيدرآباد ۽ ٻي واڳيل انتظاميه کان گھر ڪندي چيو ته ريٽ لسٽ جاري ڪري مھانگو سامان وڪڻندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.