شهدادپور ۾ بيروزگاري کان تنگ نوجوان پاران آپگهات جي ڪوشش، حيدرآباد ريفر

شھدادپور ( ن ع آ ) ڳوٺ وليو خان لاشاري جو رھواسي 30 سالا نوجوان وحيد ولد اڪبر لاشاري بيروزگاري کان تنگ اچي گھر ۾ پيل مبينا زھريلي دوا پي آپگھات جي  ڪوشش ڪئي, وارثن کيس فوري طور بيھوشي جي حالت ۾ شھدادپور جي انسٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو, جتي ڊاڪٽرن پاران زھر پي آپگھات جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جو واش ڪري کيس طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو آهي

  • حيدرآباد ۾ ڦليلي واسي جو قبضا مافيا خلاف احتجاج، ڪارروائي جي گهر

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي ڦليلي جي رهواسي محمد جاويد حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي الزام هنيو آھي ته سندن علائقي ۾ هر روز جي بنياد تي قبضا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته منشيات  وکر جيان وڪامجي رهي آهي، پر ڪوبھ نوٽيس وٺڻ وارو نه آهي. هن ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي علائقي واسين سان انصاف ڪيو وڃي.

  •  پ پ ايم پي اي ڄام اويس پاران اسڪول مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون

ٺٽو(ڊر) پ پ پ ايم پي اي  ڄام اويس بجار جوکيو گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول گھارو جي مسئلن جو نوٽيس وٺي حل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون، 2 ڏينھن اڳ سماجي اڳواڻ محمد  علي خٽڪ پاران پر امن احتجاج ڪري اسڪول کي درپيش مسئلن جي نشاندھي ڪئي ھئي، جنھن جو ايم پي اي ڄام اويس گهرام جوکيو نوٽيس وٺندي ايڊمنسٽريٽر عبدالغفور هيجب کي ھدايت ڪئي ته ھو پاڻ ھائير سيڪنڊري اسڪول وزٽ ڪري اسڪول ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ۽  اسڪول جي هيڊ ماستر هارون لوهار کي سندس  پيغام پهچائي ته ھو اسڪول جا جيڪي به مسئلا آهن، اھي سمري جي صورت ۾ ٺاھي کيس موڪلي جيئن اھا سمري وزير اعلي سنڌ کان منظور ڪرائي ھائير سيڪنڊري اسڪول گھارو کي ماڊل اسڪول بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.