حيدرآباد ۾ٻوڏ متاثر دربدر، هٿرادو بند قائم ڪرڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران ريلي، ڌرڻو

حيدرآباد)رپورٽر) لطيف آباد ۾ سنڌو درياهه جي ڪچي ۾ درجن کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ، راشن، مڇر دانيون ۽ چوپائي مال جو چارو نه ملڻ ۽ ڪچي ۾ بلڊر مافيا جي غير قانوني اسڪيمن لاءِ ڏنل ھٿرادو بند ختم نه ٿيڻ ڪري پاڻي ڳوٺن ۾ بيهڻ خلاف  لطيف آباد نمبر 10 ڀرسان بچاءَ بند ۽ گنجو ٽڪر تي پنھنجي مدد پاڻ تحت ويٺل ٻوڏ متاثرن ۽ قومي عوامي تحريڪ لطيف آباد پاران اي سيڪشن ٿاڻي ريلي ڪڍي عورتن ۽ ٻارن سميت پيادل مارچ ڪري شھباز بلڊنگ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، اصغر لغاري، شفيع ملاح، اجمل ڪولھي، ڌارشي ڪولھي، مشتاق جٽ، مير محمد سولنگي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، ڊي سي حيدرآباد منپسند ماڻھن کي نوازي رھيو آھي، لطيف آباد نمبر 10 ڀرسان بچاءَ بند تي ھزارين خاندان بي يارو مددگار ويٺا آھن، ڪنھن کي به ٽينٽ ناھي مليو، متاثر ڪکن ۽ پنن جون جھڳيون ٺاھي ويٺا آھن، سڄو ڏينھن اس ۾ معصوم ٻار، پيرسن ماڻھو ۽ نياڻيون سڙي رھيون آھن، علائقي مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي، جنھن ڪري صرف 10 ڏينھن ۾ 9 ٻار، عورتون ۽ بزرگ ماڻھو مليريا ۽ دستن جي بيماري ۾ فوت ٿي چڪا آھن، ھڪ ماڻھو نانگ جي ڪکڻ جي ڪري فوت ٿي ويو آھي،علاج جون سهولتون ڏئي زندگيون بچايون وڃن، بلڊر مافيا جو ھٿرادو ڏنل بند ختم ڪري ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ رستا صاف ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.