هن وقت سنڌ جون حالتون انتھائي خراب آھن: راشد محمود سومرو

مٽياري/ اڏيرولال( ڊ ر) جمعيت علماء اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو مٽياري ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهائڻ سان  گڏوگڏ روڪ رقم ڏني ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ جون حالتون انتھائي خراب آھن، برساتن سنڌ ۾ وڏي تباھي آندي آهي جنھن سبب سنڌ سموري اجڙي وئي، لکين ماڻهو بي گھر ٿي ويا آھن، ھزارين ماڻھو بيمارين سبب ڀوڳي رھيا آھن اسان سنڌ جي خدمت ڪيو پيا ھي وقت سياست جو نہ پر خدمت جو ڪنھن بہ سياسي مضمون تي ڳالھائڻ بدران اسان سڀني کي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ گھرجي، اسان ھن وقت 37 ھزار خاندانن کي راشن بيگ، روڪ رقم سميت ٻيو سامان فراھم ڪري چڪا آھيون، لکين ماڻھن کي مفت ۾ دوائون فراھم ڪري رھيا آھيون ان وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کي سوچڻ گھرجي ته سندس چونڊيل حڪمران سندن ڪھڙي حالت ڪئي، ھن وڌيڪ چيو ته اسان جي سنڌ جي صورتحال انتھائي خراب آھي تاريخ ۾ ڪڏھن به ايتريون برساتون نه ٿيو آھن، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو آھي تہ پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي وارن کان پڇي پڇي ٿڪجي پيو آھيان پر تسلي بخش جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناھن سنڌ جي ڊي سيز کي جيڪو امدادي سامان مليو اھو ڪٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.