اڏيري لعل لڳ پوليس جو مقابلو، هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

اڏيرولعل وليج (رپوٽ: معشوق علي قمبراڻي ) رات دير سان اڏيرولعل لڳ ڀٽ شاھ پوليس جو مراد شاھ چودڳي روڊ تي ڏوھارين سان مقابلو  پوليس پاران  ھڪ جوابدار دولت پور واسي محمد  اسلم ڀٽو زخمي  حالت ۾  گرفتار ۔هڪ ڄڻوفرار ٿيڻ ۾ ڪامياب هٿيار ۽ ڦرٿيل موٽر سائيڪل هٿ پوليس پاران جانچ جاري ڀٽ شاھ ٿاڻي تي مقرر ٿيل ايس ايڇ او شاهدعثمان ملڪ پنهنجي پوليس پارٽي سان گڏ  گشت ڪري رهيو هيو ته کيس خفيه  اطلاع مليو ته  ڳوٺ وسي مراد شاھ چؤدڳي واري رستي تي ٽي واٽي ويجهو ڪجھه ڏوهاري قسم جا ھٿياربند ماڻھو  ڏوھ جي ارادي سان بيٺل آھن جڏنهن پوليس ڄاڻايل هنڌ تي پهتي ته ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾  ھڪ ڦورو زخمي ٿي پيو  زخمي ٿيل ڦورو کي پوليس گرفتار ڪري کيس اسپتال پهچايو گرفتار ٿيل جي سڃاڻپ  محمد سليم ڀٽو ولد اسحاق ڀٽو  طور ٿي آھي هو دولت پور علائقي جو رهواسي آھي پوليس گرفتار ٿيل ڦورو وٽا هڪ عدد ڦرٿيل موٽرسائيڪل ۽ پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي جڏنهن تہ هڪ ڦورو  اونداھ جو فائدو وٺي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو  پوليس پاران وڌيڪ جانچ جو عمل جاري آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.