ڪوٽڙي ڪبير لڳ نوجوان برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت

ڪوٽڙي ڪبير (ن ع آ) ڪوٽڙي ڪبير لڳ ڳوٺ ڪريم داد لاشاري واسي ھادي بخش لاشاري برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت, خبر موجب ولي محمد  لاشاري جي آرا مشين ڀرسان رکيل ڪاٺين تي ھادي بخش لاشاري ويٺو ھو,  ڪاٺيون برساتي پاڻي ۾ پيل ھيون,  ھادي بخش کي اتي اچانڪ دل جو دورو پيو جنھن سبب برساتي پاڻي ۾ ھيٺ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو, اھڙي خبر وارثن کي 12 ڪلاڪن کان پوء پئي,جن لاش پاڻي مان ڪڍي ورتو,ياد رھي ت ھفتو اڳ ساڳي ڳوٺ جون ٽي عورتون گھري برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويون ھيون, جن مان ٻن کي بچايو ويو جڏھن ت ھڪ فوت ٿي وئي, فوتين جو تعداد ٻ ٿي ويو آھي , جڏھن ت ڳوٺ ڪريم داد لاشاري چوڌاري 40 ڏينھن کان اٺن فوٽن کان مٿي برساتي پاڻي بيٺل آھي, ٻ سو متاثرين خاندان روڊ ڪنارن تي بغير ٽينٽن جي بي يارو مددگار ويٺل آھن, سندن جي گھرن جو الهھ تلهھ برسات ۾ لڙھي ويو آھي.  گھرن کان زميني رابطو ڪٽيل اٿن, ڪنھن ب چونڊيل نمائندي ھيئنر تائين سندن سار سنڀال لڌي ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.