ننگرپارڪر ۾ ڪُتن جو حملو، معصوم ڌنار هانءُ ڦاٽڻ ڪري فوت

ننگرپارڪر(ت،ر) ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آھي،رولو ڪتن مال،جھنگلي جانور ماري پٽ ڪري  ڇڏيا آھن،گذريل ڏينھن ننگرپارڪر جي ڳوٺ گڊڙو چارڻ ۾ 8 سالن جو معصوم نينگر ارجڻ پٽ شھديو ڪولھي جھنگ ۾ مال چاري رھيو ھو ته مٿس رولو ڪتن حملو ڪري ڏنو،نينگر رڙيون ڪري ھيٺ ڪري پيو ۽ ڊپ وچان هانءُ ڦاٽي پيو ۽ بيھوش ٿي ويو،نينگر جي رڙين تي مائٽ پھچي ويا ۽ کيس بيھوشي واري حالت ۾ ننگرپارڪر اسپتال آندو ويو،جتان ڊاڪٽرن کيس مٺي ريفر ڪري ڇڏيو،نينگر مٺي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو،ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نينگر ڪتن جي ڊپ سبب ڪوما ۾ ھليو ويو ۽ فوت ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.