لاڙڪاڻي مان 40 سالن جي اڻڄاتل همراهه جو لاش هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ڪرمان باغ روڊ وٽ 40 سالن جي نامعلوم همراهه جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پوليس پهچي لاش کڻائي ضروري  ڪاروائي بعد ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته هٿ آيل لاش نشو واپرائيندڙ جو لڳي رهيو آهي جنهن جي عمر 40 سالن جي لڳ ڀڳ آهي، سڃاڻپ نه ٿيڻ تي لاش ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايڌهي رضاڪارن طرفان لاش کي لاوارث قرار ڏيڻ بعد غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي.

  •  جوهي لڳ نوجوان برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ ماتم

جوهي ( ن ع آ ) جوهي جي ڳوٺ چڪ جو رهواسي نوجوان ٻوڏ جو پاڻي پار ڪندي ٻُڏي فوت ٿي ويو, لاش هٿ ڪيو ويو آهي , 24 سالا نوجوان عاشق علي ولد علي گل کوسو  جوهي ڀان روڊ پار ڪري پنهنجي ڳوٺ  وڃي رهيو هيو ته ٻوڏ جي تيز وهڪري ۾ لُڙهي ويو, اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن هڪ ڪلاڪ جي ڳولا بعد سندس لاش هٿ ڪري ورتو آهي، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.