کپرو ۾ وظيفو وٺڻ لاءِ سينٽر تي رش، 5 عورتون بيهوش

کپرو(ن ع آ ) کپرو جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي سينٽر ۾ گرمي ۽ نٽڻ اس ۾ عورتن جي وڏي تعداد ۾ رش سبب 5 کان وڌيڪ بي هوش ٿي ويون بيهوش ٿيندڙ عورتن ۾ ڪيسري ڀيلڻ , هاجره سومرو , مهناز , ساران ۽ ٻيون شامل آھن جڏھن ته سينٽر اڳيان ٽينٽ گهٽ لڳل هئڻ ۽ پاڻي جو بندوبست نه هئڻ سبب گرمي سبب روزاني جي بنياد تي عورتن جي رش ھئڻ سبب بي هوش ٿين ٿيون بي هوش ٿيندڙ عورتن کي کپرو تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي علاج جاري آھي سينٽر هڪ هئڻ سبب هزارن جي تعداد ۾ عورتن جي رش سبب مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون   سينٽر تي ماڻھن جا هجوم بي آء ايس پي سينٽرتي ٻوڏ متاثرن لاء آيل قسط 25000 روپين مان ڪٽوتي بند نه ٿي سگهي في ڪارڊ تي ڊوائيس هولڊرن ايجنٽ مافيا جي ملي ڀڳت سان 500 کان 1000 ڪٽوتي ڪرڻ لڳا جڏهن ته پ پ پ جي مقامي قيادت پاران جيالا ڊوائيس هولڊرن جي ڀر ۾ ويٺل هئڻ باوجود متاثر عورتن جي آيل قسط مان ڪٽوتي ڪري ڪنهن کي 24500 ته ڪنهن کي 24000 ڪٽوتي ڪري روزاني ڊوائيس هولڊر هزارين روپيه ڳڙڪائڻ لڳا عورتن جون بي آء ايس پي انچارج ۽ ڊوائيس هولڊرن خلاف دانهن جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.