خاڻوٺ ۾ پيش امام مليريا سبب فوت، انگ وڌي 21 ٿي ويو

مانجهند (ن ع آ) خاڻوٺ ۾ مسجد جو پيش امام خطيب ۽  عالم دين محمد بخش بروهي تيز مليريا بخار جي سٽ نه سهندي 70 ورهين جي ڄمار ۾َ وفات ڪري ويو جنهن سان تعلقي اندر برساتن کان پوء مليريا ۽ گيسٽرو وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 21 ٿي ويو پر صحت کاتي طرفان ڪابه حڪمت عملي ترتيب نه ڏني وئي حڪومت جي نااهلي سبب ڊاڪٽرن ڊاڪٽرياڻيون جون سوين پوسٽون خالي پيل آھن جڏھن ت تعلقي اسپتال ۽ءسينٽرن ۾ دوائن جي شديد کوٽ آھي مشينري نه هئڻ سبب عام ٽيسٽن جي به سهولت ميسر ناهي هتان جي علائقي واسين وس وارن کان مطالبو ڪيو ت اسپتالن ۾ سهولتون ڏئي وڏي تعداد ۾ ضايع ٿيندڙ قيمتي جانيون بچايون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.