شھدادڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثر عورت دماغي مليريا سبب فوت

شھدادڪوٽ (رپورٽ:ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ قبيسعيد جي ٻوڏ متاثر عورت دماغي مليريا سبب فوت ٿي وئي.رپورٽ موجب برساتي  ٻوڏ سبب تعلقي قبوسعيد جي ڳوٺ بگو دڙو کان بي گھر ٿي شھدادڪوٽ جي موٽر وي روڊ تي ترسيل 35 ورھين جي عورت  عظيمان زال پيروز چانڊيو دماغي مليريا وگھي فوت ٿي وئي. ان حوالي سان فوتي عورت جي ڀائٽي عامر چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته سندس پڦي کي دماغي مليريا ٿي ھئي پر غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري ھوءَ فوت ٿي وئي.ھن چيو ته غريب ھئڻ ڪري اسان وٽ ڪفن توڙي لاش خانگي گاڏي ۾ کڻي وڃي قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ پئسا ناهن، سرندي وارن کي اپيل آهي ته مدد ڪن. ھوڏانھن پي ٽي آءِ ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جي اڳواڻ سراج کوسو فوتي عورت جي وارثن وٽ پھچي ڪفن توڙي لاش دفنائڻ جو بندوبست ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.