ٽنڊو الهيار ۾ دڪانن تي ڇاپا،چانورن سان ڀريل 400ڪٽا هٿ

ٽنڊوالهيار ( رپورٽ : حسرت لغاري ) ٽنڊوالهيار بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ۽ آر آر ايف پوليس پاران ٽنڊوالهيار جي ڪيريا شاخ بائي پاس روڊ تي ڪارروائي ڪندي دڪانن تي ڇاپو هڻي 400 جي لڳ ڀڳ چانورن سان ڀريل ڪٽا هٿ ڪري ورتا . جڏهن ته ڇاپي دوران چانورن سان ڀريل ڪٽن سان گڏ چانورن جون 10 ڪلو واريون هزارين خالي ٿيهليون پڻ هٿ ڪيوڻ ويون. ان موقعي تي پوليس جو چوڻ هو ته مذڪوره دڪان فاروق پتافي نالي شخص مسواڙ  تي ورتا هئا. ڪجه ڏينهن اڳ مٽياري مان چانورن جو ٽرالر ڦر ٿيو هو ٿي سگهي هي چانور اهي هجن. وڌيڪ جانچ ڪيون پيا ته دڪان ڪرائي تي وٺندڙ   کي ڪنهن جي معرفت ڪرائي تي ڏنا ويا جنهن بعد پوليس هٿ آيل چانور تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق مقامي انتظاما ملوث بااثر ماڻھن کي بچائڻ لاء حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. ٻي پاسي ٽنڊوالهيار پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي يوسي داد خان جروار تي پ پ اميدوار  سامهون اليڪشن وڙهندڙ جي يو آئي اڳواڻ حاجي الله بخش پتافي ٽنڊوالهيار پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽنڊوالهيار شهر جي بڪيرا شريف باء پاس روڊ تي بي سيڪشن پوليس طرفان چاپي ۾ هٿ آيل چانور واري معامري ۾ منهنجا مخالف مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ٽنڊوالهيار پ پ جي هڪ هائوس جا ماڻهو ملوث آهن جاچ ڪرائي وڃي

  • ڦل پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو 4 جواري گرفتار، ايف آءِ آر داخل

ڦل (ن ع آ)  ڦل پوليس جو ڦل لڳ رند موري وٽ جوا جي اڏي تي ڇاپو ھڻي جوا کيڏندڙ 4 رجب چانڊيو عبدالمجيد ملڪاڻي ماجد مگسي ھمٿ لغاري کي تاس جي پتن 15 ھزار روڪ 2 موبائل فون سميت گرفتار ڪري مٿن گناھ نمبر 34 2022 قلم 5 جوا ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو ايس ايڇ او ڦل راجا نويد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڦل شھر ۽ آسپاس جوا سميت سماجي برايون ختم ڪرايون ويندون ۽ ڏوھارين کي نه بخشيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.