واهر ڪريو:ٺوڦ چؤسول جي ٻوڏ متاثرن جو ميروخان روڊ تي ڌرڻو

ميروخان (ن ع آ) ٺوڦ چؤسول جي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ امدادي سامان نه ملڻ خلاف  وارڊ نمبر 3 جي ڪائونسلر توفيق لغاري جي اڳواڻي  ۾ ڳوٺ جان محمد لغاري ۽ ٻين ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي ميروخان-لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن يوسي چيئرمين مسعود لغاري، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر شفقت رسول ڪلھوڙو، اسسٽنٽ ڪمشننر ۽ مختيارڪار سجاول جوڻيجو خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪائونسلر توفيق لغاري،عبدالمجيد بروھي، مشتاق احمد لغاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته برسات سبب يونين ڪائونسل ٺوڦ چؤسول ۾ تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي، ڪيترن ئي ماڻھن جا گھر ڊھي پيا، ساريالو فصل مڪمل طور تي ختم ٿي ويو،جنھن ڪري ڳوٺ جان محمد لغاري سميت ٻين ڳوٺن جا رھواسي فاقاڪشي ڪٽڻ تي مجبور بڻيل آھن،  ڪيرائي ڀيرا يوسي چيئرمين ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر کان سواءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار وٽ ويا آھيون پر ھو متاثرن کي راشن ۽ ٻيون امدادي سامان ڏيڻ بجاءِ رڳو آسرا ۽ دلاسا ڏئي رھيا آھن. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته يوسي چيئرمين مسعود لغاري ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر شفقت رسول ڪلھوڙو ھن وقت به پنھنجي من پسند ماڻھن کي راشن ۽ امدادي سامان ڏئي رھيا آھن. ھنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏھن حقيقي متاثرن کي راشن نه ڏنو ويو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار سجاول جوڻيجو جي آفيس جو گھيراءٌ ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.