همايون لڳ فوتي نينگر جي وارثن جو سيپڪو خلاف 3 ڪلاڪ ڌرڻو

ميان صاحب/سلطان ڪوٽ (نمائندن وٽان) همايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ مُندو واهه ۾ 3 ڏينهن اڳ بجلي جي 11 هزار تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل نينگر يار محمد ليھي جي وارثن ابراهيم، ديدار حسين، عبدالرشيد،  غلام عباس، بشير احمد، نذير احمد، وزير احمد، الاهي بخش ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن دانهيو ته سيپڪو شڪارپور جي عملدارن جي نااهلي سبب نينگر بجلي جي هيٺ ڪري پيل 11 هزار وولٽ تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت تي ويو پر هن وقت تائين پوليس سيپڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي. همايون پوليس ٽن ڪلاڪن بعد ڳوٺاڻن سان ڳالھيون ڪيون ۽ انصاف جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.