عمرڪوٽ ۾ پورهيتن جوبااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ڳوٺ محڪم سنگھه ٺڪر جي پورهيت مردن، عورتن ڏيئو، راجي، ڀورو ڪولهي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي پورهيتن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر ڀوم، راجو ۽ ڌنوسنگھه بنا جواز گھر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو.

پورهيتن چيو ته تشدد بعد بااثر پنهنجي اٽي جي چڪي تي رکيل هنن جي 50 مڻ ڪڻڪ تي به قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته زيادتين جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جون حالتون تمام گھڻيون خراب آهن، کين سياست بدران متاثرن جي خدمت ڪرڻ گھرجي.

جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو مٽياري پهچي ٻوڏ متاثرن کي امدادي سامان ۽ روڪ رقم ڏني.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي تباهي آئي، جنهن سبب لکين ماڻهو بي گھر ٿي ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته تاريخ ۾ ڪڏهن به سنڌ ۾ ايتريون برساتون ناهن پيون، هي وقت سياست نه پر خدمت ڪرڻ جو آهي، سياسي پارٽين کي سياست بدران متاثرن جي خدمت ڪرڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.