ڄامشوري ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ مفت طبي ڪئمپ، سوين ماڻهن کي چڪاسي دوائون ڏنيو ويون

سنڌ جي مختلف شهرن مان ڄامشوري پهتل برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ مختلف وبائي بيماريون پکڙجڻ واري شڪايتن بعد سگا قاسم آباد شاخ طرفان گلشن شهباز ۾ باب بينظير وٽ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي.

ڪئمپ ۾ ماهرن ڊاڪٽر گيسٽرو، مليريا، دستن ۽ چمڙي سميت ٻين بيمارين ۾ ورتل سوين مردن، عورتن توڙي ٻارڙن کي چڪاسي مفت دوائون ڏنيون.

ان موقعي تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سگا پاران پنهنجي مدد پاڻ سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي خيما، راشن ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ سوڌو سندن بحالي واري ڪم جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.