عدليا ملڪ کي سڀني لاءِ برابر بڻائڻ جي ڪوشش پئي ڪري: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس عمرعطا بنديال قانون جي حڪمراني کي پاڪستان جي خوشحالي لاءِ ضروري قرار ڏيندي چيو آهي ته عدليا ملڪ کي سڀ لاءِ برابر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، پارليمان ۽ حڪومت عدالتي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ اثرائتو نظام جوڙي.

سپريم ڪورٽ ۾ ٻن ڏينهن واري ڪوٺايل انٽرنيشنل جوڊيشل ڪانفرنس جي پڄاڻي سيشن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس عمرعطا بنديال چيو ته عدالت محروم طبقي جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.

چيف جسٽس چيو ته گڏيل ڪوششن سان پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائي سگھجي ٿي، خوشحال پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته عدليا تائين سڀ جي هڪجيتري پهچ هجي.

پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته حڪومت ۽ عدليا کي اي ڊي آر طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو، پوليس ۽ پراسيڪيوشن کي پنهنجي ڪارڪردگي ۽ گڏيل سهڪار بهتر بڻائڻو پوندو.

چيف جسٽس چيو ته انصاف جي نظام جي بهتري لاءِ عدليا ۽ بار کي جديد قانوني علم ۽ ٽيڪنالاجي سان پاڻ کي متعارف ڪرائڻ ضروري آهي، عورتون اسان جي آبادي جو اڌ حصو آهن، جن کي فيصلي سازي ۾ شامل ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته عورتن کي سمورن شعبن ۾ وڏو رول ڏيڻ جي ضرورت آهي، عورتن کي بار ۽ عدليا ۾ نمائندگي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي سموري نظام جو بنياد ميرٽ آهي.

چيف جسٽس عمر عطابنديال چيو ته آبادي ۾ واڌ موسمياتي تبديليون ۽ صنفي فرق انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن، ان لاءِ انهن مسئلن جو حل ضروري آهي.

هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسلام جي روح سان مسئلن جي حل واري پاسي ڌيان ڇڪائي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ درست چيو ته اسان کي پنهنجي وساريل روايتن کي ياد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

چيف جسٽس آف پاڪستان جو چوڻ هو ته ترقي يافتا پاڪستان لاءِ قانون جي حڪمراني ئي حل آهي، عورتن تي تشدد وارن واقعن کي فوري طور تي روڪڻو پوندو.

جوڊيشل ڪانفرنس جي پڄاڻي سيشن سان خطاب دوران چيف جسٽس چيو ته اميد آهي ته ڪانفرنس سان عام ماڻهو جي انصاف تائين پهچ ۾ بهتري ايندي، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ تي سنگاپور ۽ زيمبيا جي چيف جسٽس صاحبن جا ٿورائتا آهيون.

هن چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ متبادل نظام فوري انصاف لاءِ مددگار ثابت ٿيندو، وڪيل معقل کي اي ڊي آر جي صلاح ڏين عدالتن ۾ ڪيسن جي حتمي فيصلي تائين 15 سال لڳي ويندا آهن.

سندس چوڻ هو ته انصاف جي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ دنيا گھڻو اڳتي نڪري چڪي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ 7 مهينن ۾ 3 هزار 300 کان وڌيڪ ڪيسن جا فيصلو وڊيو لنڪ تي ڪيا ويا.

چيف جسٽس چيو ته وڊيو لنڪ تي وڪيل ۽ معقل جو وقت ۽ پئسن جي بچت ٿي، ملڪ جي سمورين عدالتون کي آٽوميشن سسٽم ذريعي پاڻ ۾ لنڪ ڪيو پيو وڃي.

چيف جسٽس عمر عطابنديال جو چوڻ هو ته پوليس ۽ پراسيڪيوشن کي ڏوهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تربيت جي ضرورت آهي، ضلعي عدليا کي نئين ترميمن سان آگاهي لاءِ تربيتي سينٽر جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته فوجداري انصاف جي نظام ۾ اسٽيڪ هولڊرز گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائين، ڌريون هجن يا ادارا سڀني وچ ۾ برابري ضروري آهي.

چيف جسٽس چيو ته عدليا ملڪ کي سڀ لاءِ برابر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عوام ۽ ادارن پاران آئين جي احترام سان ئي ملڪ اڳتي وڌي سگھي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.