ماسترن لاءِ خوشخبري، اهم خط جاري

اسڪول ايجوڪيشن ڊيپارٽمنٽ هيٺ ڪم ڪندڙ ايم فل ۽ پي ايچ ڊي ماسترن لاءِ خالي جايون اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، فيصلي سان اعليٰ تعليم يافتا استادن ۾ خوشيءَ جي لهر

اسڪول ايجوڪيشن کاتي ايم فل ۽ پي ايچ ڊي جون خالي جايون اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ايم فل ۽ پي ايچ ڊي ڊگري رکڻ وارن ماسترن کي خصوصي رعايت ڏني ويندي. اي ايم سيڪريٽريٽ پاران خصوصي رعايت وارو خط اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي اماڻيو ويو آهي.

خط ۾ ماسترن جون خالي جايون اپ گريڊ ڪرڻ بابت اسڪول ايجوڪيشن کاتي کان مشورا ورتا ويا آهن. اسڪول ايجوڪيشن کاتو ڏهن ڏينهن ۾ سي ايم آفس کي جواب موڪليندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.