ڀان سيد آباد اسپتال ۾ ڳوٺاڻن جو لاش منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولنس نه ملڻ خلاف احتجاج

دل جي تڪليف سبب ڀان سيد آباد جي سرڪاري اسپتال آندل ڳوٺ ڀنڀڻ واسي ميهر علي ڀنڊ فوت ٿي ويو.

فوتي جي وارثن سندس لاش ڳوٺ منتقل ڪرڻ لاءِ اسپتال انتظاميا کان ايمبولنس گھري جيڪا نه ملڻ خلاف شريف ڀنڊ، عبدالغني، نياز محمد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته اسپتال انتظاميا پاران سرڪاري ايمبولنس خانگي ڪمن لاءِ استعمال ته ڪئي وڃي ٿي پر لاش ۽ مريض منتقل ڪرڻ لاءِ نٿي ڏني وڃي.

هنن سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري ايمبولنس جي سهولت يقيني بڻائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.