رميز راجا ڪرڪيٽرز کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرز جي ميچ في ۽ مهيني جي وظيفي ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران اهو اعلان بورڊ آف گورنرز جي اجلاس کانپوءِ ڪيو ويو آهي.

پي سي بي جي او جي جو سترهون اجلاس اڄ ڪراچي ۾ ٿيو. اعلان ڪيل ڊوميسٽڪ ڪنٽريڪٽ کي سيپٽمبر ٻه هزار ٻاويهه کان آگسٽ ٻه هزار ٽيويهه تائي لاڳو ڪيو ويندو. چيئرمين پي سي بي رميز راجا عهدي تي ايندي ئي پنجن ڪيٽيگريز ۾ شامل سمورن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرز جي مهيني واري وظيفي جي رقم ۾ هڪ هڪ لک رپيا واڌارو ڪيو آهي.

تازو اضافي کان پوءِ قائداعظم ٽرافي کيڏندڙن جي ميچ فيس سٺ هزار مان وڌائي هڪ لک رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح پاڪستان ڪپ ۽ نيشنل ٽي ٽوئنٽي جي ميچ فيس کي وڌائي چاليهه هزار کان سٺ هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

ڊوميسٽڪ ٽيمن ۾ شامل نان پليئنگ ميمبرز جي ريڊ بال جي ميچ فيس سورنهن هزار کان وڌائي چاليهه هزار رپيا ڪئي وئي آهي. وائيٽ بال ڪرڪيٽ جي ميچز ۾ شريڪ ڊوميسٽڪ ٽيمن جي نان پليئنگ ممبرز جي ميچ فيس چار هزار رپين کان وڌائي ويهه هزار رپيا ڪئي وئي آهي.

نان فرسٽ ڪلاس فورڊي ڪرڪيٽ ايسوسيئشن چيمپيئنشپ جي ميچ فيس پنجويهه کان وڌائي چاليهه هزار رپيا ڪئي وئي آهي. وائيٽ بال ڪرڪيٽ ايسوسيئشن چيلنج ۽ ڪرڪيٽ ايسوسيئشنز ٽي ٽوئنٽي جي ميچ فيس پندرنهن کان وڌائي پنجويهه رپيا ڪئي وئي آهي. ريڊ ۽ وائيٽ بال کيڏندڙ نان پليئنگ ممبرز کي ڏه ۽ پندرنهن هزار رپيا ملندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.