توهين عدالت ڪيس ۾ عمران تي اڃان به نا اهلي تلوار لڙڪيل !

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ اڃان تائين نااهليءَ  جي تلوار لڙڪيل آهي.

نامياري صحافي ڊاڪٽر دانش جو چوڻ آهي ته نامياري قانوندان عرفان قادر رابطو  ڪرڻ  تي ٻڌايو آهي ته عمران خان پاڻ کي نه عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ۽ نه ئي غير مشروط معافي گهري آهي، ان ڪري نه ڪيس ختم ٿيو آهي ۽  نه ئي عمران خان آجو ٿي ويو آهي.

29 سيپٽمبر تي جڏهن لکت ۾ بيان جمع ڪرائيندو ان جو جائزو وٺڻ بعد عدالت 3 آڪٽوبر تي فيصلو ڪندي ته فرد جرم لاڳو ڪجي يا نه ڪجي ان ڪري اهو چوڻ ته عمران خان آجو ٿي ويو آهي، بلڪل غلط آهي، نهال هاشميءَ کي سخت سزا ان ڪري ٿي هئي ته هن غير مشروط معافي وٺڻ ۾ دير ڪئي هئي عمران خان به دير ڪري رهيو آهي ۽ چئي ٿو  ته جيڪڏهن عدالت سمجهي ٿي ته لائين ڪراس ڪئي آهي ته هو عورت جج کان به معذرت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته عمران خان معذرت به دلي طور نه پر ڊپ ۾ ڪئي آهي، ان جو به عدالت ضرور جائزو وٺندي جيڪڏهن لکت واري بيان ۾ به عمران خان ” اگر ۽ مگر “  جو سهارو ورتو ته سزا کان نه بچي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.