آبادگارن کان قرضن جي وصولي معاف ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر)  سڌ سماءُ واري کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آبادگارن ۽ هارين کي رليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ته جيئن اھي ايندڙ سيزن جي فصلن جي پوک ڪري سگهن. پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته 40 لک 70 هزار 614 پوک لائق زمين مان 37 لک 73 هزار 707 ايڪڙن تي بيٺل فصل ھاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ  سبب تباھ ٿيا آهن. سنڌ حڪومت آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ايندڙ سال ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس 4 هزار رپيا في 40 ڪلو گرام مقرر ڪئي آهي، ان کان علاوه زرعي قرضن جي وصولي ملتوي ڪرڻ  لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت نقصانن جا اصل  تفصيل  گڏ ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن، جيڪي ايندڙ سومر کان سروي شروع ڪنديون. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌو درياهه ۾ ٻن بئراجن تي پاڻي جي سطح هڪ لک ڪيوسڪ کان هيٺ اچي وئي آهي. جن علائقن مان پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، اتي متاثرين پنهنجي گهرن ڏانهن موٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد جي مختلف علائقن يو سي ٽنڊو حيدر، يوسي موسيٰ کٽياڻ ۽ ٻين علائقن جي سرڪاري اسڪولن مان متاثرن کي سندن ڳوٺن ڏانهن موڪليو ويو آهي. هن چيو ته وڌيڪ 4 قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، مجموعي طور 728 ڄڻا فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا آهن. وڌيڪ 26,506 ڍور مري وڃڻ جي رپورٽ ملي آهي، مجموعي طور 340,015 ڍور مري چڪا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مليل رپورٽ موجب 1061788 گهر جزوي ۽ 720799 مڪمل طور تباهه ٿيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.