اسٽيبلشمينٽ وٽ رياست ۽ عمران وٽ عوامي طاقت آهي: (ر)جنرل نعيم

لاهور ( ويب ڊيسڪ) دفاع کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري (ر) جنرل نعيم خالد لوڌي جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وٽ هڪ جيتري طاقت آهي، اسٽيبلشمينٽ وٽ رياستي طاقت آهي ۽ عمران خان وٽ عوام جي طاقت آهي.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته جنرل (ر) امجدشعيب کانپوءِ جنرل نعيم لوڌي جو وارو آهي، ڇو ته ڪجهه ئي ڏينهن اڳ ايف آءِ اي جنرل امجد کان 5  ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، جنرل نعيم جو هڪ انٽريو ۾ چوڻ آهي ته ضابطا تبديل ڪرڻ بدران بنيادي ضابطن تي عمل ڪرڻ گهرجي، مريم نواز  اسٽيبلشمينٽ بابت ڳالهائي ته ٺيڪ عمران ڳالهائي ته غلط ڇو آهي، صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جي ايڇ ڪيو اڳ ئي ڪيترن ئي  رٽائر فوجي آفيسرن جي پينشن ۽ رعايتون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ بچاءَ واري وزارت ته مورڳو رٽائر  فوجي آفيسرن جي تنطيم کان لاتعلقي  ڪري چڪي آهي،  ان ڪري جنرل نعيم جون رياست ۽ عوام کي آمهون سامهون ڪرڻ جون ڳالهيون به ضرور نوٽ ڪيون ويون هونديون، ممڪن آهي ته نوٽيس به ورتو ويو هجي ڇو ته موجوده حالتن ۾ اهڙيون ڳالهيون  برداشت ڪرڻ ممڪن نه آهن.

ڇو ته اسٽيبلشمينٽ مخالف موقف  سان ته پي ٽي آءِ ۾ به اتفاق نه آهي، ان ڪري شاهه محمود قريشي  پرويز خٽڪ ۽ اسد عمر اسٽيبلشمينٽ خلاف عمران خان جي موقف سان متفق نه آهي ۽ سندن  ۽ عمران وچ ۾ مفاصلو آهي جنهن جو اظهار عمران خان پاڻ به ڪري چڪو آهي. ته صرف فواد چوڌري منهنجو موقف اڳتي وڌائي رهيو آهي، باقي اڳواڻ ته منهنجو ٽوئيٽ به ري ٽوئيٽ نه ٿا ڪن، رهيو سوال جنرل نعيم لوڌي جو ته ان جو جواب اهو آهي ته مريم  نواز توڙي نواز شريف جو موقف رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪري جڏهن  ته عمران خان جو موقف  آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن ۾ مداخلت  ڪري منهنجي نه صرف حمايت ڪري پر 2018ع جيان ڪلهن تي کڻي اچي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاري پر اسٽيبلشمينٽ اڻڌريو رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. عمران کي اها ئي تڪليف آهي، هوڏانهن جنرل امجد شعيب کي ايف بي آر به 23 سيپٽمبر تي نوٽيس ذريعي طلب ڪري ورتو آهي، اسٽيبلشمينٽ جي غير جانبدار هجڻ جو اهو وڏو ثبوت آهي، نه ته ايف آءِ اي يا ايف بي آر کي  ڪهڙو مجال آهي ته ڪنهن جنرل کي گهرائي ۽  پنج ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.