اوٻاوڙي: خانگي هائوسنگ اسڪيم جي رهواسين جو بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

اوٻاوڙي ۾ خانگي هائوسنگ اسڪيم جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

بلاول ٽائون هائوسنگ اسڪيم جي رهواسين حافظ عبدالغني، رشيد لاڙڪ، نعمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هائوسنگ اسڪيم مالڪ حسين ملڪ پلاٽ وڪرو ڪرڻ وقت اعلان ڪيو هو ته بلال ٽائون ۾ بجلي، گئس، پارڪ، مسجد، اسڪول ۽ روڊ رستن سميت ٻيون بنيادي سهولتون ڏنيون وينديون.

هنن چيو ته ٽائون کي ٺهندي 4 سال گذري چڪا آهن، گھر ٺهرائي رهائش به اختيار ڪئي پر بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون.

احتجاج ڪندڙ ضلعي انتظاميا کان اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي هائوسنگ اسڪيم مالڪ خلاف قانوني ڪاروائي ڪري بنيادي سهولتون ڏياريون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.