ٽين ٽي ٽوينٽي ۾ انگلينڊ، پاڪستان کان کٽي وئي

ستن ميچز جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽين ميچ ۾ پاڪستان انگلينڊ جي خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ٿيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي انگلينڊ کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني ته انگلينڊ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پاڪستان کي 221 رنز جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو.

انگلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ رنز هيري بروڪ ٺاهيون جيڪو 81 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.

ٻئي نمبر تي ول جيڪس 40 رنز اسڪور ڪيون.

پاڪستان طرفان عثمان قادر 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته محمد حسنين هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

پاڪستاني رانديگر وڌيڪ ٻوٽو نه ٻاري سگهيا ۽ هڪ ٻئي پٺيان آئوٽ ٿيندا رهيا.

پاڪستاني رانديگر شان مسعود ففٽي اسڪور ڪئي.

پاڪستان جي سموري ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورن ۾ 158 رنز ٺاهي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.