پاڪستان کان انساني حقن بابت قانون سازي ۾ تيزي جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو دورو ڪندڙ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن تي ٻڌل وفد انساني حقن بابت قانونسازي ۾ تيزي تي زور ڏنو آهي.

19 کان 21 سيپٽمبر تائين يورپي پارليامينٽ جي انساني حقن بابت ڪاميٽي پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پارليامينٽ طرفان ٻوڏ کي منهن ڏيندڙ متاثرن ۽ سندن گهرڀاتين سان تعزيت سان گڏوگڏ پاڪستاني عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو.

پنهنجي دوري دوران يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن کي پاڪستان ۾ هنگامي امدادي سرگرمين ۽ موسمياتي آفتن سبب ٿيل نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي.

يورپي پارليامينٽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ڪاربن جي عالمي اخراج کي گهٽائڻ ۽ موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ملڪن جي مدد لاءِ پنهنجون ڪوششون وڌائڻ گهرجن.

دوري دوران ملاقاتن ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن انساني حقن جي صورتحال، 2014 کان 2023 لاءِ پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس تحت يورپي يونين جي مارڪيٽ تائين پاڪستان جي ترجيحي رسائي بابت نڪتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ 2024 کان پوءِ جي پي ايس پلس جي تياري جي درخواست جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

دوري دوران وفد انساني حقن جي وزير، قانون ۽ انصاف ۽ انساني حقن جي قومي ڪميشن جي چيئرمين سان به ملاقاتون ڪيون.

ان دوران وفد سول سوسائٽي جي تنظيمن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات ڪئي.

وفد جي مميبرن انصاف واري نظام، تشدد، موت واري سزا، معاشي، سماجي حقن، گهريلو تشدد جي خاتمي، مذهبي آزادين ۽ آن لائن آف لائن اظهار جي آزادي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پارليامينت ميمبرن چيو ته پاڪستان لاءِ انساني حقن جي مسئلن بابت سڌارن ۽ قانونسازي ۾ تبديليون ڪرڻ ۽ انهن کي جوڳن بنيادن تي بهتر ڪرڻ اهم اهي.

هنن تشدد، جبري گمشدگين خلاف تيزي سان قانونن تحت لاڳيتي ۽ منظم ڪارروائي، موت واري سزا جو انگ گهٽائڻ، رحم جي اپيلن لاءِ نون طريقن، صحافين جي تحفظ وارن قانونن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ صهافين جي ڪم ۾ رنڊڪن کي ختم ڪرڻ ۽ يونين سازي جي حقن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو.

وفد توهين مذهب جي ڪوڙن الزامن کي روڪڻ لاءِ قدمن جو مطالبو ڪندي توهين مذهب جي قانونن جي غلط استعامل کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

وفد جي ميمبرن پاڪستاني سينيٽرز پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي ججن کي گڏيل خط موڪلڻ جي عزم جو اظهار ڪيو جنهن ۾ عدالتي نظام، خاص طور تي هيٺين عدالتين جي سطح تي توهين مذهب جي ڪيسن جي ڪارروائي کي تيز ڪرڻ جي درخواست ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.