ڪوٽڙي: ٽينٽ سٽي ۾ موسيقي پروگرام، قومي راڳين گيت ٻڌائي ٻوڏ متاثرن کي جهومائي ڇڏيو

ڪوٽڙي جي ٽينٽ سٽي ۾ ”مارو شال مرڪن“ جي عوان سان ٿيل موسيقي پروگرام ٻوڏ متاثرين تي منهن تي مرڪون آڻي ڇڏيون.

گلشن شهباز وٽ قائم ٻوڏ متاثرن جي ٽينٽ ۾ قومي راڳي وقار ملاح جبار ڪابورو، دعا کوکر ‘ ۽ سندن ٽيم طرفان جي عنوان سان موسيقي پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

پروگرام ۾ سنڌ جي ناليواري ڳائڻن فضا ماروي، فرح شاھين ، سرمد اياز’، علي مراد جتوئي ۽ ٻين ٻوڏ متاثرن کي گيت ٻڌائي سندن چھرن تي مرڪون وکيري ڇڏيون، جڏهن ته پروگرام ۾ نابين ٻوڏ متاثر عورت لاڏو ڳايو، جنهن تي ماحول سوڳوار بڻجي ويو.

ان موقعي تي ميوزيڪل پروگرام ڪوٺائيندڙن جو چوڻ هو ته ٻوڏ ۽ برساتن متاثر جي گھرن ۽ ڳوٺ سميت خواب، اميدون به لوڙھي ڇڏيون، جنھن سبب هو دربدري ۽ ڏکوئيندڙ ڪيفيت مان گذرن پيا.

هنن چيو ته متاثرن جي مايوسي کي نظر ۾ رکندي ميوزيڪل پروگرام ڪرايو ته جيئن سندن سوچ تبديل ڪري ڪجهه گھڙي لاءِ مرڪون ڏئي سگھون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.