ڪراچي ۾ هاري اڳواڻ غلام حيدر لغاري جي حياتي تي لکيل پروفيسر اعجاز جي ڪتاب جي مهورتي تقريب

ڪراچي ۾ هاري اڳواڻ غلام حيدر لغاري جي حياتي تي لکيل پروفيسر اعجاز قريشي جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ڪوٺائي وئي.

زيبسٽ 154 ڪيمپس ۾ سنڌ اڀياس اڪيڊمي پاران پروفيسر اعجاز احمد قريشي جي لکيل ڪتاب "سنڌ جو سچو سپوت ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاري” جي مهورتي تقريب ٿي، جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مهورتي تقريب ۾ مسعود نوراني، ڊاڪٽر سليمان شيخ، عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميدا گهانگهرو ۽ ٻين مقررن خطاب ڪندي پروفيسر اعجاز قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

مقررن جو چوڻ هو ته پروفيسر اعجاز قريشي کي ڪامريڊ غلام محمد لغاري تي ڪتاب لکڻ تان سلام پيش ڪجي ٿو.

تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر اعجاز احمد قريشي جو چوڻ هو ته ڪامريڊ غلام حيدر لغاري هارين لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي، جڏهن ته نوجوانن سنڌ جي تاريخ کان واقف ٿيڻ لاءِ ڪتاب دوست بڻجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.