شهدادڪوٽ: جماعت اسلامي جو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ ۾ جماعت اسلامي پاران ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان جي اڻڌري ورڇ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن امتياز شيخ، منصور ابڙو، نور نبي ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علڻ شاهه باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثر لاءِ ملندڙ امدادي سامان حقدارن بدران غير مستحقن کي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته امدادي سامان بازارن ۾ پڻ وڪرو ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته انتظاميا جي بي حسي سبب ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن پر سنڌ سرڪار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

اڳواڻن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري ٻوڏ متاثر جي واهر يقيني بڻائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.