ڪوٽڙي: مبينا ڏاڍائي جو شڪار نينگري جي پيءُ جو جوابدار خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڪوٽڙي ۾ مبينا ڏاڍائي جو شڪار نينگري جي پيءُ جوابدار خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

خدا جي بستي واري علائقي جي رهواسي نبي بخش مغيري پنهنجي مبينا ڏاڍائي جو شڪار 12ورهين جي ڌي ربينا کي ساڻ وٺي ڪوٽڙي ٿاڻي پهتو.

ان موقعي تي هن ميڊيا ۽ پوليس آڏو الزام هڻندي چيو ته سندس نياڻي ربينا کي جوابدار عرفان ملاح زبردستي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، پر پوليس جوابدار خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

نينگري جي پيءُ چيو ته هو لڳاتار ٽن ڏينهن کان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي پر پوليس ڪيس به داخل نه پئي ڪري، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

هن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.