گھوٽڪي عدالت پاران ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ 19 جوابدارن کي جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا

گھوٽڪي عدالت ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تان 19 جوابدارن کي جنم ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ماڊل ٽرائل ڪورٽ ۾ مقتول جميل ۽ منظور سنگھڙ جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت جميل ۽ منظور سنگھڙ کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تان 19 جوابدارن کي جنم ٽيپ ۽ 3-3 لک رپيا ڏنڊا جي سزا ٻڌائي.

سزا مليل جوابدارن ۾ قادر بخش، شڪيل، عقيل ۽ شبير سنگھڙ سوڌو 19 جوابدارن شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.