اسحاق ڊار جي پاڪستان واپسي جي تاريخ اچي وئي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاڪستان واپسي جي تصديق ڪري ڇڏي.

خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو دوران اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته هو وطن واپسي تي سينيٽ ميمبر شپ جو حلف کڻندو ۽ هو امڪاني طور تي ايندڙ هفتي جي پڄاڻي تي پاڪستان ۾ هوندو.

هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جيڪا به ڊيوٽي لڳائيندا، هو ماضي جيان نڀائيندو.

سندس چوڻ هو ته شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي ڪامياب دوري کانپوءِ لنڊن ايندو، شهباز شريف ۽ نواز شريف سان صلاح ڪري جيڪو به فيصلو هوندو ان تي عمل ڪندس.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته عدالت هنن جي درخواست منظور ڪئي ۽ وارنٽ معطل ڪندي چيو ته 7 آڪٽوبر تائين واپسي ٿيو.

ياد رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت اڄ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا دائمي وارنٽ معطل ڪيا ۽ ڏيهه واپسي تي سندس گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.