موبائل فون جي روشني جا خطرناڪ نقصان

اڄڪلهه جي زمان ۾ موبائل فون ۽ ٽيبليٽ جو استعمال ته عام ٿي ويو آهي، ننڍا هجن توڙي وڏا موبائل انهن جي ضرورت بڻجي وئي آهي. پر پاڪستان ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي موبائل فون کي ضرورت کان وڌيڪ به استعمال ڪن ٿا ۽ ان جي نقصانن جي کين ڪا به خبر ناهي.

موبائل جي روشني حيران ڪندڙ حد تائين طاقتور آهي ايتري جو توهان ان جي باري ۾ اندازو ئي نٿا لڳائي سگهو.

موبائل فونز واري روشني سج جي روشني کان به وڌيڪ هوندي آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان موبائل ۾ موجود شيون ڏينهن جو به سولائي سان چِٽيون ڏسي سگهندا آهيون، پر پوءِ به توهان موبائل کي جيڪڏهن ڏينهن جو استعمال ڪيو ٿا ته اهو ٿورو گهڻو گهٽ نقصان ڏئي ٿو پر رات جي وقت ۾ موبائل جو استعمال توهان جي لاءِ تمام خطرناڪ آهي.

اسان جو جسم قدرتي طور تي هڪ سائيڪل تي عمل ڪندو آهي جيڪو اسان کي ڏينهن جو جاڳڻ ۽ رات جو ننڊ ڪرڻ سان گڏ ذهبي طور هوشيار رهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ اسان کي ان جي ڪري ئي رات جي وقت ۾ ننڊ ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي.

جيڪي ماڻهو ننڊ ڪرڻ کان اڳ اهڙي روشنين کي ڏسندا آهن ته انهن جو دماغ پريشانين ۾ پئجي ويندو آهي ڇو ته ان جا اثر ڏينهن جي سج واري روشني جهڙا هوندا آهن جنهن سان دماغ جسم کي ننڊ ڪرڻ واري هارمونز ميلاٽونن بڻائڻ کي روڪي ڇڏيندو آهي. اهڙي هارمون جي ٺهڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي نتيجي ۾ روشني توهان جي ننڊ ڪرڻ واري سائيڪل چڪر کي متاثر ڪندي آهي جنهن جي ڪري رات جو سمهڻ جڏهن ته ڏينهن ۾ جاڳڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي جنهن سان ڪيترائي صحت جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن.

ياد داشت متاثر ٿيڻ

ننڊ جي گهربل وقت ۾ ڦيرڦار سان ياد داشت تي اثر پوندو آهي ۽ انسان ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت کان محروم ٿيندو ويندو آهي.

ٿولهه جو خطرو

ميلاٽونن جي مقدار متاثر ٿيڻ سان ٻين اهڙن هارمونز تي به اثر پوندا آهن جيڪي بُک تي ضابطو آڻيندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ٿولهه وڌي ويندي آهي ۽ ٿولهه به مختلف بيمارين جي جڙ آهي.

ڊپريشن جو مسئلو

جن ماڻهن جي جسم ۾ ميلاٽونن جو مقدار گهٽ هوندو آهي ۽ انهن جي جسماني سائيڪل متاثر ٿيندي آهي انهن ۾ ڊپريشن جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي. انڪري توهان جيڪا رات جي وقت موبائل استعمال ڪيو ٿا اها توهان جي ذهني دٻاءَ يا ڊپريشن جو به سبب بڻبي آهي.

سُٺي ننڊ کان محرومي

رات جو سمهڻ کان اڳ سمارٽ فونز جي روشني جو استعمال ڪرڻ واري عادت سان ڊگهي عرصي تائين اهڙيون دماغي زهريليون شيون گڏ ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن جيڪي سُٺي ۽ بهترين ننڊ جي کي ناممڪن بڻائي ڇڏينديون آهن. توهان جي دماغ سُن ٿي ڪري بي خيالي واري ننڊ ته ڪري سگهي ٿو پر توهان کي اها سڪون واري ننڊ نه ايندي آهي جيڪا توهان جي جسم ۾ ڦڙتي پيدا ڪري يا پريشاني جو سبب نه بڻجي.

سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ۾ گهٽتائي

هڪ رات جي خراب ننڊ به ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ جي لاءِ ڏکيو ڪري ڇڏيندي آهي انڪري توهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڪجهه وقت، مهيني يا سال تائين ائين ڪرڻ سان دماغ تي ڪيترا خطرناڪ اثر پئجي سگهن ٿا؟

ڪينسر جو خطرو

رات جي وقت موبائل فونز جي بِلو روشني ڏسڻ ۽ ننڊ متاثر ٿيڻ جي وچ ۾ جيڪو ڳانڍاپو آهي اهو مثاني ۽ ڇاتي جي ڪينسر جا خطرا وڌائي ڇڏيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.