پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٽي هزار فوتگيون ٿيڻ جا خدشا آهن: آمريڪي سينيٽر

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ تباهين تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين باب ميننڊيز چيو آهي ته ٻوڏ جي ڪري وڏي پيماني تي فوتگيون ٿيڻ جا خدشا آهن.

آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين ميننڊيز چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي تاريخ جي ڏکئي ترين وقت مان گذري رهيو آهي. ٻوڏ جي ڪري لڳ ڀڳ ٽي هزار ماڻهو فوت ٿيڻ جو خدشو آهي جڏهن ته چار ڪروڙ پاڪستاني لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت جمهوريت ۽ انساني حقن جي مک عنصرن تي ڌيان ڏنو ته نئين تعمير جو عمل وڌيڪ بهتر طريقي سان ممڪن ٿي سگهي ٿو.

واضح رهي ته باب ميننڊيز ان کان اڳ به هڪ بيام ۾ چئي چڪو آهي ته عالمي برادري طرفان پاڪستان کي ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ ملندڙ امداد رڳو هڪ قطرو برابر ئي آهي انکان وڌيڪ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.