چيف جسٽس سياسي مسئلن جو حل پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) چيف جستس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سياسي ليڊرشپ کي سياسي استحڪام لاءِ  ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، سياسي مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ عالمي جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب دوران چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو ته عالمي جڊيشل ڪانفرنس ڪوٺائڻ سان عدالتي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

چيف جسٽس جو چوڻ هوته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي تباهي آئي، متاثرن جا اهنج گهٽائڻ لاءِ عدليا ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آئين ۾ عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويو آهي، ملڪ جو آئين عوامي ڀلائي جو ترجمان آهي.

هن چيو ته يوسف رضا گيلاني ڪيس ۾ آئين جي پاسداري ڪئي وئي، عدالت پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏئي آئين پاسداري ڪئي، آئين تحت عوامي حقن جو  تحفظ عدليا جي ذميواري آهي.

ڪانفرنس ۾ خطاب دوران چيف جسٽس چيو ته جهموريت جي مضبوطي آئين ۽ قانون جي حڪمراني سان جڙيل آهي، عدليا کي بنا ڪنهن تعصب جي قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻو آهي، انساني حقن جي تحفظ لاءِ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتا، گورننس پڻ قانون جي بالادستي جو اهم حصو آهي.

ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڪيسن جو ٻوجهه گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، عدليا آئين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان هڪ ترقي يافته رياست بڻبو.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته عدليا اڪيلي سر سمورا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، عدليا سميت سمورن آئيني ادارن کي سٺي نموني پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.