آمريڪي ايئرلائين جي مسافر جهاز جي عملدار کي مُڪ وهائي ڪڍي

آمريڪي ايئرلائين ۾ سوار هڪ مسافر ۽ جهاز جي عملي ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي جنهن کانپوءِ مسافر هڪ اهلڪار کي مُڪ وهائي ڪڍي.

پرڏيهي ميڊيا موجب مسافر طرفان جهاز جي عملي کي مُڪ هڻڻ وارو واقعو آمريڪن ايئرلائين جي فلائيٽ نمبر ٽي سئو ستهتر ۾ پيش آيو.

جهاز ميڪسيڪو ۾ لاس ڪيبوس کان لاس ايجنلس جي لاءِ اڏيو ته ان دوران مسافر هڪ عملدار کي مُڪ وهائي ڪڍي.

اهڙي حوالي سان مسافر ۽ عملدار ۾ منهن ماري ۽ مُڪ هڻڻ واري وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.