آءِ فون جو هي فيچر اينڊرائڊ ۾ به آساني سان استعمال ڪري سگهبو

آءِ فون 14 پرو ۽ 14 پرو ميڪس ۾ سيلفي ڪيمرا لاءِ ڊائنامڪ آءِ لينڊ جي نالي سان نئون ڊيزائن متعارف ڪيو ويو آهي.

فلحال اينڊرائڊ فونز تيار ڪرڻ وارين ڪمپنين ته پنهنجي ڪا ڊوائس ۾ ان ڊيزائن کي متعارف ناهي ڪيو پر پوءِ به ان کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هڪ نئين فيچر سان آءِ فون جي فيچر کي اينڊرائڊ فون ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ڊائنامڪ اسپاٽ نالي ايپ سان اينڊرائڊ فونز ۾ آءِ فون 14 پرو ماڊلز جي هن فيچر کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ان ايپ سان ڊائنامڪ اسپاٽ سان اينڊرائڊ فون تي ڊائنامڪ آءِ لينڊ ملٽي ٽاسڪنگ فيچر استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان واهپيدارن لاءِ تازا نوٽيفڪيشن سولائي سان اچي ويندا.

ماهرن ٻڌايو ته هڪ ننڍي بليڪ پوپ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ايپ اوپن ٿي ويندي ۽ پنهنجي مرضي سان ڊيزائن کي استعمال ڪري سگهبو.

اها ايپ اٽڪل سڀين اينڊرائيڊ ايپس لاءِ ڪم ڪندي آهي جن ۾ ميسيجنگ، ميوزڪ ۽ ٽائمر ايپس به شامل آهن.

واهپيدار سيٽنگز ۾ وڃي ايپ کي مرضي موجب استعمال ڪري سگهندا آهن يا ڊائنامڪ اسپاٽ کي هائيڊ به ڪري سگهندا آهن.

ان ايپ کي گوگل پلي اسٽور مان فري ۾ ڊائونلوڊ ڪري سگهبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.