گڏيل قومن جِي عالمي ادارن کي پاڪستان جا قرض معاف ڪرڻ جي اپيل

گڏيل قومن عالمي ادارن کي پاڪستان جا قرض معطل ڪرڻ يا انهن کي ٻيهر شيڊول ڪرڻ جو زور ڏنو آهي.

گڏيل قومن پنهنجي پاليسي پيپر ۾ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي قرضن جي ادائگي ۾ رليف ڏيڻ تي غور ڪن ته جيئن حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد کي ترجيح ڏئي سگهي.

ان حوالي سان گڏيل قومن پاڪستان کي به مشورو ڏنو آهي ته قرضدارن کي پنهنجا مسئلا ٻڌايو ته ٻوڏ واري صورتحال کانپوءِ معاشي بحران ۾ واڌ ٿي آهي.

ان سلسلي ۾ گڏيل قومن هلندڙ هفتي هڪ يادداشت نامو پاڪستان سان شيئر ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي کان بچاءَ جي لاءِ بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ قرض وٺڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.

عالمي ادري موجب پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ ٻوڏ سان ٽيهه ارب ڊالرن جي نقصان جو اندازو لڳايو ويندو آهي.

انکانسواءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس به پاڪستان ۾ ٻوڏ جو ذميوار موسمياتي تبديلي جي ذميوار ترقي يافته ملڪن کي قرار ڏيندي چيو آهي ته جن ملڪن جي ڪري پاڪستان ۾ تباهي آهي اهي ملڪ پاڪستان جي مدد ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.