شام ۾ پناهگيرن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي، 71 ڄڻا اجل جو شڪار

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) شامي سمنڊ ويجهو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي ته جتي پناهگيرن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 71 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعي خميس ڏينهن پيش آيو، ٻيڙي ۾عورتن ۽ ٻارن سميت 120 کان 150 پناهگيرن ۾ لبناني، شامي ۽ فلسطيني شهري شامل هئا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته 71 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، بچي ويل ويهه ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ٻين جي ڳولا جاري آهي.

ريسڪيو اهلڪارن موجب اڃا تائين حادثي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته جاچ جاري آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته اها ٻيڙي لبنان جي بندرگاهه ويجهو قائم شهر مينه مان رواني ٿي هئي ۽ يورپ ڏانهن وڃي رهي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.