جواني ۾ وار اڇا ٿيڻ جا عام سبب ڄاڻي وٺو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمر وڌڻ سان گڏ وار اڇا ٿيڻ غيرمعمولي ناهي هوندو.

جواني ۾ وار جنهن به رنگ جا هجن پوڙهائپ ۾ اڇا ٿيڻ لڳندا آهن، ڇاڪاڻ ته وقت سان گڏ وارن جي جڙن ۾ رنگت برقرار رکڻ وارن خلين جنهن کي ميلانين چئبو آهي متاثر ٿيندا آهن.

وار اڇا ٿيڻ کي وڌندڙ عمر جي نشاني سمجهيو ويندو آهي پر ڪنهن به عمر ۾ وار اڇا ٿي سگهن ٿا. ماهرن موجب جواني ۾ به وارن جو رنگ مٽجي سگهجي ٿو، جن کي بحال ڪري سگهجي ٿو. پر ڪجهه ڪارڻ جنهن سبب وار اڇا ٿيندا آهن انهن ۾ جينز، دٻاءُ، آٽو اميون بيماريون، ٿائيرائڊ بيماريون، وٽامن بي ٻارنهن جي کوٽ ۽ سگريٽ پيئڻ جي عادت شامل آهن.

ماهرن چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن ۾ جينياتي وار اڇا ٿيندا آهن جيئن ماءُ پيءُ يا ڏاڏي ڏاڏيءَ جا وار جواني ۾ اڇا آهن ته امڪان آهي نسل در نسل اهو سلسلو هلي، ان بابت جينز کي مٽڻ ممڪن ناهي ان لاءِ اڇن وارن کي لڪائڻ لاءِ رنگ ڪرائي سگهجي ٿو.

جڏهن ته مسلسل ذهين دٻاءُ سبب به وار اڇا ٿيندا آهن،  تازي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مسلسل انزائٽي، پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار ماڻهن ۾ وار اڇا ٿيڻ عام آهي جيئن انهن سڀين شين کان پاسو ڪجي ته وارن جو رنگ بحال ٿي سگهي ٿو.

آٽو اميون بيمارين جي نتيجي ۾ به وار اڇا ٿيندا آهن ڇاڪاڻ ته جسم جا مدافعتي خليا صحت مند خلين تي حملو ڪندا آهن جنهن ۾ وارن جا خليا حملي جو پهريون شڪار ٿيندا آهن، اهڙي طرح هارمونز ۾ تبديليون ٿاءِ رائڊ بيمارين جو سبب بڻجنديون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ وار اڇا ٿي ويندا آهن.

ماهرن ٻڌايو آهي ته وٽامن بي 12 جسم لاءِ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته اهي وٽامنز انساني جسم ۾ توانائي جو ڪارڻ آهن جڏهن ته وارن جي واڌ ويجهه سميت رنگت لاءِ به ڪردار ادا ڪندا آهن. انهن وٽامنز جي کوٽ سبب وارن جا خليا ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ نتيجي ۾ وار اڇا ٿي ويندا آهن.

ماهرن سگريٽ ڇڪڻ جي عادت جو ڳانڍاپو وارن سان ڪندي ٻڌايو آهي ته تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته سگريٽ ۾ موجود مواد سان شريانون سڪڙجي وينديون آهن ۽ وارن کي درست مقدار ۾ رت ناهي پهچندو جنهن سبب وار ڇڻڻ لڳندا آهن يا اڇا ٿي ويندا آهن.

ماهرن ٻڌايو ته وارن جي اڇي ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ ڪارڻ اهم آهي ڇاڪاڻ ته جيئن جينز سبب وار اڇا آهن ته ناممڪن آهي رنگت بحال ڪرڻ جڏهن ته بيماري سبب اڇا ٿيندڙ وار بحال ڪري سگهجن ٿا. پر ان جي به ضمانت نٿي ڏئي سگهجي.

هنن چيو ته وٽامن بي 12 جي کوٽ پوري ڪرڻ سان وارن جو رنگ بحال ٿي سگهي ٿو جڏهن ته دٻاءُ جي روڪٿام سان به ممڪن آهي ته وار ڪارا ٿي وڃن پر اميد نه رکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.