فطرت پسندن لاءِ سُٺي خبر، دنيا جي خوبصورت ترين هنڌ رهائش ته مفت پر لکين رپيا به ملندا

جيڪڏهن ڪير به ماڻهو اٽلي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو شوقين آهي ته ان جي اهڙي خواهش پوري ٿي سگهي ٿي پر اتي رهڻ تي ان ماڻهو کي لکين رپيا به ملي سگهن ٿا.

اٽلي جي جزيري سارڊينيا طرفان اتي اچي آباد ٿيندڙ ماڻهن کي پندرهن هزار يورو (پنجٽيهه لک پاڪستاني رپين کان مٿي) في ماڻهو جي حساب سان ڏيڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.

هونئن ته اهو خيال ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ايڏي خوبصورت جاءِ تي رهندڙ ماڻهو کي پئسا به ڏنا وڃن، پر ان منصوبي جو مقصد آبادي ۾ کوٽ واري مسئلي تي ضابطو آڻڻ آهي.

ان مقصد جي لاءِ سارڊينيا جي حڪومت ڪروڙين رپين جي رقم رکي آهي جيڪا ٽي هزار ماڻهن کي ڏئي سگهجي ٿي.

اٽلي جي مختلف علائقن ۾ اهڙي ريت ماڻهن کي اچي رهڻ جي دعوت ڏني پئي وڃي. جهڙوڪ ڪيلابريا ۾ رهائش ڪرڻ تي ٽيٽيهه هزار ڊالر ڏنا پيا وڃن.

سارڊينيا کي اٽلي علائقائي خودمختياري ڏني آهي ته اتان جا رهائشي پنهنجو صدر پاڻ چونڊي سگهن ٿا.

سارڊينيا جي صدر ڪرسٽين سوليناس ٻڌايو آهي ته آبادي ۾ واڌ کانسواءِ معاشي ترقي جو خواب ممڪن ناهي ۽ ان ڳالهه کي ئي نظر ۾ رکندي نئين پاليسين تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

اهڙي پروگرام ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي سارڊينيا جي ڪنهن هڪ ئي علائقي ۾ رهڻو پوندو جتان جي آبادي ٽي هزار کان گهٽ هوندي.

کيس جيڪا رقم ڏني ويندا اها گهر جي تعمير جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي ۽ انهن کي ان علائقي ۾ مستقل طور ئي رهڻو پوندو.

اهڙي ريت ارڙهن مهينن جي اندر اندر ان ماڻهو کي سارڊينيا کي پنهنجي مستقل رهائش طور رجسٽر ڪرائڻو پوندو.

ميڊيٽيرين سمنڊ جو ٻيو وڏو جزيرو سارڊينيا خوبصورتي جي حوالي سان سڃاتو ويندو آهي انڪري اختيارين کي اميد آهي ته ماڻهو اتي سولائي سان رهائش اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.