ٻوڏ سٽيل آبادگارن کي رليف ڏيڻ بابت سوچي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ سٽيل آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽  آبادگارن کان قرضن جي وصولي معاف ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهيون.

پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ ئي ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو.

شرجيل ميمڻ چيو ته درياهه ۾ لاٿ جاري آهي ۽ مختلف ٻوڏ متاثر علائقن مان به پاڻي لهڻ بعد ماڻهن جي گهرن ڏانهن واپسي شروع ٿي وئي آهي، ٻوڏ دوران ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽيون سومر کان ڪم شروع ڪنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.