فيس بوڪ لائيو اسٽريمنگ جي وڏي غلطي، اربين رپيا ڏنڊ ڀريندو

آمريڪي عدالت ميٽا ڪمپني کي آمريڪي فوج جي هڪ تجربيڪار پاران جنگ جي ميدان ۾ ڪميونيڪيشنز جون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل لائيو اسٽريمنگ جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ميٽا ڪمپني کي سترنهن ڪروڙ چوئيتاليهه لک پنجاهه هزار آمريڪي ڊالرز ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ”اي ايف پي“ موجب ٽيڪساس جي وفاقي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ان فيصلي تي ختم ٿي ته فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام ”لائيو“ فيچر لاءِ ووڪسر جي پيٽنٽ شدا ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندا آهن جنهن جو شريڪ باني ٽام ڪيٽس آهي.

ڪمپني جي هڪ ترجمان چيو آهي ته هو سمجهن ٿا ته ڪيس جي دوران ثبوتن سان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ميٽا ووڪسر جي پيٽنٽ ٽيڪنالوجي جو استعمال ناهي ڪيو.

هن چيو ته اپيل لکڻ سان گڏ ٻيا ريليف حاصل ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.

عدالت جي فيصلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمپني جي باني ٽوم ڪيٽس کي يارنهن سيپٽمبر ٻه هزار هڪ ۾ آمريڪا ۾ ٿيڻ وارن حملن بعد فوج ۾ ٻيهر ڀرتي ڪيو ويو هو، جنهن افغانستان ۾ اسپيشل فرسز ڪميونيڪيشن سارجنٽ تحت فرض پورا ڪيا هيا.

عدالت ۾ ٻڌايو ويو ته فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام پنهنجي لائيو فيچر شروع ڪرڻ لاءِ ووڪسر ٽيڪنالوجي جا فيچرز شامل ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.