هفتيوار انگ اکر جاري، مهانگائي جي شرح ۾ رڪارڊ لاٿ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ اٺ سيڪڙو کان وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ڏهن شين جي اگهن ۾ لاٿ ۽ 26 جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي.

هڪ هفتي ۾ ڏهن شين اگهن لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي جن ۾ ڪوڪنگ آئل، گيهه، بصر، ٿوم مڱن جي دال، ٽماٽي ۽ ايل پي جي گهريلو سيلينڊر پڻ شامل آهي.

شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي دوران ٽماٽي في ڪلو اگهه ۾ ٻارنهن رُپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ٿوم چار رُپيا 51 پئسا في ڪلو ۽ مڱن جي دال جي في ڪلو قيمت ۾ 3 رُپيا 18 پئسا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

انگن اکرن موجب ايل پي جي جو گهريلو سيلنڊر 114 رُپيا 74 پئسا سستو ٿيو، ان کانسواءِ 26 شين جي

اٽو،ڪڪڙ ۽ چانهه شامل آهن.

شماريات کاتي موجب تازي هفتي دوران پندرنهن شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.