ايران: گرفتار ڇوڪري جي مارجڻ وارو معاملو، ڪيترائي مظاهرين مارجي ويا

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ پوليس جي گرفتاري هيٺ هڪ ڇوڪري جي فوت ٿيڻ تي مختلف علائقن ۾ احتجاج جاري آهي جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز جي ڪريڪ ڊائون ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن.

ٻاويهه سالن جي مهسا اميني کي گذريل هفتي تهران ۾ اسڪارف نه پهرڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اها گرفتار هوندي ئي مبينا طور تي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي هئي.

پرڏيهي خابرو اداري انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ گروپ جي حوالي سان ٻڌايو ته مهسا اميني جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ هن وقت تائين ڇٽيهه ماڻهو مارجي چڪا آهن.

ٻئي پاسي ايراني اختيارين طرفان ٻڌايو ويو آهي ته احتجاج دوران پنج سيڪيورٽي اهلڪارن سميت هن وقت تائين سترهن ماڻهو مارجي ويا آهن. پر سينٽر فار هيومن رائيٽس (سي ايڇ آر آءِ) موجب اهو انگ وڌيڪ آهي.

ان اداري هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ايران ۾ احتجاج جي ستين ڏينهن تي گهٽ ۾ گهٽ سترهن ماڻهن جي مارجڻ کي قبول ڪيو آهي پر آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو انگ ڇٽيهن تائين پهتو آهي.

ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.

سي ايڇ آر آءِ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت طرفان احتجاج تي گوليون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي ذريعي ردعمل ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ايران جي سرڪاري خابرو اداري موجب مظاهرين طرفان سيڪيورٽي اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو پيو وڃي ۽ پوليس جي گاڏين کي باهه ڏني پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.