پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻ نواز ۽ شهباز شريف کي غدار مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته مان نٿي چوان ته نواز شريف ۽ شهباز شريف غدار آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري جو چوڻ هو ته غداري واري ڪيس ۾ عدالت کي ياد ڏياريو ته مان پارليامنٽ جي ميمبر نه آهيان ۽ هڪ  شهري طور آئي آهيان، پي ٽي آءِ اسيمبلي ۾ ناهي ۽ لوٽا پارٽي ۾ ناهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيرين مزاري جو چوڻ هوته سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي اڪثريت ناهي، قانون سازي لاءِ پارليامنٽ ۾ اڪثريت گهرجي.

شيرين مزاري چيو ته ٻه هزار ويهه ۾ بغاوت واري قانون جي حمايت نه ڪئي هئي، اهو نه چونديس ته نواز شريف ۽ شهباز شريف غدار آهن پر نواز ۽ شهباز شريف کي ملڪ جو درد سمجهه ۾ نٿو اچي، ملڪ کي نقصان رسائيندڙن تي سوال ته اٿندا آهن، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته چور سليڪشن  ڪندا ته انهن جي ترجيح مختلف هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.