” منهنجو هارڊ ويئر هر هر اپ ڊيٽ ڪري سافٽ ويئر کي ڪرپٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل چيو آهي ته قيد دوران هر هر سندس هارڊ ويئر اپ ڊيٽ ڪيو ويو جنهن ذريعي سندس سافٽ ڪرپٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عمران خان مون سان گڏ ائين بيٺو رهيو جيئن پيءُ پٽ سان گڏ بيٺو هوندو آهي.

عمران خان جي اڳوڻي چيف آف اسٽاف ڊاڪٽر شهباز گِل ضمانت تي آزادي بعد پهريون ڀيرو منظر تي آيو ۽ پاڻ مٿان ٿيندڙ مبينا تشدد بابت گفتگو ڪئي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سڄي واقعي دوران پاڻ سان بيٺل ماڻهن جا ٿورا مڃيا.

ادارن خلاف ڀڙڪائڻ واري ڪيس کي منهن ڏيندڙ شهباز گِل چيو ته مون مٿان جيڪو تشدد ٿيو اهو راز ناهي، سمورن محب وطن پاڪستانين جيان ملڪ سان محبت ڪرڻ جو سافٽ ويئر گهڻو اڳ ئي اپ ڊيٽ هو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مان هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو آهيان ۽ ڳوٺاڻن جو پيدائشي پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ هوندو آهي.

هن چيو ته سڄي واقعي دوران منهنجو هارڊ ويئر هر هر اپ ڊيٽ ڪيو ويو ۽ ان ذريعي سافٽ ويئر کي ڪرپٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.