نيب قانونن ۾ ترميم، نواز شريف به رليف گهري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف نيب ترميمي ايڪٽ جي تحت احتساب عدالت لاهور کان رليف گهري ورتو.

نوازشريف پلاٽ الاٽمينٽ ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب ترميمي ايڪٽ جي تحت نيب کي 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ماليت واري ڪيس ۾ ڪارروائي جو اختيار نه آهي، درخواست گذار خلاف داخل ريفرنس ۾ 13 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو الزام لڳايو ويو آهي،  احتساب عدالت ٽن جوابدارن کي اڳ ئي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي ته نيب ترميمي ايڪٽ جي تحت عدالت نوازشريف خلاف ڪارروائي ختم ڪري،  عدالت نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏئي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ياد رهي ته نيب ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي جنهن جي تحت نيب کي هاڻ 50 ڪروڙ رپين جي گهٽ ماليت جي ڪيس ۾ ڪارروائي جو اختيار نه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.