اسان جي ”پارٽي“ توهان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ”فنڊ ريزنگ ڊنر“ آهي، اڃا به انجلينا ڀلي!

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪار احمد علي بٽ پي پي اڳواڻ شرميلا فاروقي جي فنڪارن تي تنقيد ڪرڻ تي کيس جواب ڏنو آهي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ شرميلا فاروقي گذريل ڏينهن پاڪستان جي شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل فنڪارن تي تنقيد ڪندي چيو هو ته هڪ پاسي جڳ مشهور انجلينا جولي دادو جو دورو ڪري رهي آهي، هتي ٻوڏ متاثرن ۾ پيار محبت ورهائي رهي آهي، عالمي ڪميونٽي کي مدد جي لاءِ چئي رهي آهي ٻئي پاسي اسان جا فنڪار ايوارڊ شو ۾ شرڪت جي لاءِ ٽورنٽو ۾ گهمي رهيا آهن. انهن مان ڪنهن هڪ به ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ناهي ڪيو.

احمد علي بٽ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي شرميلا فاروقي کي اهڙي تنقيد جو جواب ڏنو آهي.

هن پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو آهي ته انجلينا جولي جي پاڪستان ۾ ٽن ڏينهن واري دوري تي ملڪ جي شوبز شخصيتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته اهي ٽورنٽو ۾ پارٽي ڪرڻ لاءِ هليا ويا آهن؟

هن چيو ته پارٽي مان مراد توهان جي ٻوڏ متاثرن جي لاءِ ڪوٺايل فنڊ ريزنگ ڊنر آهي، جنهن جون سڀ ٽڪيٽون اڳواٽ ئي وڪرو ٿي چڪيون آهن.

ان پروگرام مان گڏ ڪيل رقم جو پنجاهه سيڪڙو ٻوڏ متاثرن جي امداد جي لاءِ ادا ڪيو ويندو، پوءِ به-انجلينا جولي اسان کان سُٺي آهي!.

هن پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان لکيو ته توهان سڀ ته اسان کان سُٺو ڪم ڪندا آهيو، ڪراچي جون حالتون ان ڳالهه جون گواهه آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.